SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پيچيده دارومدار وارو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پيچيده دارومدار وارو نظريو

Complex Interdependence Theory

ڪامپليڪس انٽرڊپينڊنس ٿيئري

هي مشهور سياسي مُفڪرن ”رابرٽ ڪيهان“ ۽ ”جوزف ناءِ“ جو نظريو آهي، جنهن ۾ مُختلف سماجن ۽ رياستن جي هڪٻئي سان گهڻ - رُخن ڳُجهن ۽ پڌرن رابطن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. هنن دانشورن جو خيال هئو ته وقت گُّذرڻ سان گڏ قومن وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون ۽ ويجهڙائيءَ جا رُجحان وڌندا. اهڙي تعاون جا بُنياد لبرل ۽ حقيقت پسند نظرين جي پاڻ ۾ ٿيل سنجوڳ مان ورتل آهن. هن نظريي جي حامين جو چوڻ آهي ته موجوده دور ۾ انسانذات جي وچ ۾ انتشار پيدا ڪندڙ حڪمت عملين ۽ دُنيا ۾ تڪرار وڌائيندڙ نظرين جي ڀيٽ ۾، سڄي عالمي برادريءَ کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ دُنيا ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري دُنيا جي ننڍن توڙن وڏن مُلڪن کي، هڪٻئي جي مسئلن توڙي حاصلات ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي هڪ بهتر عالمي سماج جي اڏاوت ڪرڻي پوندي.


Remember Me Also:

ڪهرو

ذ. صفت. ڪلهو ، ڪانهرو ، ڪانهلو ، هيڻو ، ڪمزور ، ٿَڪَلُ ، ماندو ، ڪُومل ، نرم. ڏُکڻو ، اِيذاءُ ڪندڙ زخم يا ڦَٽُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal